ڀڳو آرَسُ اکڙين

ڀڳو آرَسُ اکڙين (ڪتاب ):هي ڪتاب محمد علي پٺاڻ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي، جنهن ۾ غزل، گيت، نظم، نثري نظم، ترائيل ، ٽيڙو، چوسٽا ۽ سانيٽ شامل آهن. هن ڪتاب جو نانءُ شاهه لطيف جي بيت مان کنيو ويو آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ انور ابڙي لکيو آهي. هي ڪتاب رائٽرس ورلڊ پاران جولاءِ 2001ع ۾ شايع ٿيو. ڪچي جلد سان، 200 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 85 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو